ڊاڪٽر ڪرم علي رستماڻي

ڊاڪٽر ڪرم علي رستماڻي

ڪرم علي رستماڻي ڊاڪٽر

ڪرم علي رستماڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ڪرم علي رستماڻي ننڍپڻ کان وٺي خاص ڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران علمي ادبي حوالي سان سرگرم رهيو. 1979ع ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ شاگرد ادبي سنگت قائم ڪيائين ۽ 1981ع ۾ لطيف سنگت ضلعي نوابشاهه جو بنياد وڌائين ۽ ان جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بڻيو. ڪرم رستماڻي، هاءِ اسڪول جي تعليم دوران هر سال امتحانن بعد امتحان پاس ڪندڙ شاگردن کان گذريل سال وارا ڪتاب وٺي غريب شاگردن ۾ مفت ورهائيندو هو. سندس اهڙي جذبي کان متاثر ٿي سندس استاد پڻ ان تعليمي خير جي ڪم ۾ سندس مدد ڪندا هئا. شاگرديءَ دوران تعليمي بحث مباحثن، ڊبيٽن، ڊرامن ۽ ٻين عملي ۽ ادبي سرگرمين ۾ نهايت سرگرم رهيو. 1983ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين ۽ ضلعي جو قائم مقام صدر ٿيو. ايل. ايم. سي ۾ به جساف سان واڳيل رهيو. 1988ع ۾ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل رهيو ۽ 1990ع ۾ نوابشاهه پي. ايس 20 تان صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوار طور بيٺو، 1993ع ۾ خادمين سنڌ جي پليٽفارم تان قومي اسيمبليءَ جي اميدوار طور فارم ڀريائين، پر آخري وقت ۾ زور بار پوڻ تي هٿ کنيائين. ڪرم علي رستماڻي ڪيترين سماجي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو